نئون ڪوٽ: چار ڏينهن کان گم نينگر جو ڪوس گهر مان ڦاهو لڳل لاش هٿ

0
255

نئون ڪوٽ (ن پ ا) نئون ڪوٽ جي هريجن ڪالوني مان چار ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿيل 14 سالا نينگر راجا ڪولهي جو گهر ڀرسان ڪوس گهر ۾ ڦاهو کاڌل لاش مليو آهي، گهر وارن کي لاش جي بدبو آئي، جنهن بعد هنن ڪوس گهر ۾ ڏٺو ته ڦاهو کاڌل لاش ڪوس گهر ۾ پيل هو، جڏهن ته وارث هڪ هفتي کان راجو جي ڳولا ڪري رهيا هئا جن کي اڄ لاش مليو، اطلاع باوجود نئون ڪوٽ پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي.