ميرپورماٿيلو: ڪچي ۾ آپريشن، هڪ اهلڪار شهيد، هڪ زخمي

0
432

ميرپورماٿيلو/ گھوٽڪي (نمائندن وٽان) گهوٽڪي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن سان مقابلي ۾ استعمال ٿيندڙ اي پي سي چين گاڏي اندر گوليون پار ٿيڻ ڪري نوجوان اهلڪار عبدالرحمان وسير شھيد ۽ شاهه پسند زخمي ٿي پيو ۽ هڪ ڌاڙيل به زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن، اي پي سي چين گاڏي کي نقصان پھچڻ وارا فوٽجز ٽائيم نيوز ھٿ ڪري ورتا، ايس ايس پي گهوٽڪي عمرطفيل جو چوڻ آهي ته مقابلي دوران پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڌاڙيل به زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن، هن چيو آهي ته ڪچي وارو علائقو نوگو ايريا ناهي پر معمول مطابق ڏوهارين جي خاتمي لاءِ ڪچي ۾ آپريشن شروع ڪيو ته ڌاڙيل پوليس مٿان فائرنگ ڪئي جنهن سبب هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ هڪ زخمي ٿيو آهي، ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو ۽ ڊي آءِ جي سکر به شهيد پوليس اهلڪار عبدالرحمان وسير جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪندو، شھيد پوليس اھلڪار عبدالرحمان جو مڙھ پوليس لائين آندو ويو آھي، شھيد پوليس اھلڪار جا وارث بي حال آهن، واضح رهي ته ھڪ سال اڳ رائونتي جي ڪچي ۾ ساڳئي اي پي سي چين گاڏي اندر گوليون وڃڻ ڪري اھلڪار خان محمد شھيد ٿيو هو ۽ هن کان اڳ اي ايس آءِ حسن ڪولاچي به ساڳئي بڪتر بند گاڏي ۾ سوار ھجڻ ڪري شھيد ٿيو ھو.