ڪينيا مان مخصوص فرقي جي ماڻهن جا وڌيڪ 26 لاش هٿ، انگ 47 ٿي ويو

0
362
ڪينيا مان مخصوص فرقي جي ماڻهن جا وڌيڪ 26 لاش هٿ
ڪينيا مان مخصوص فرقي جي ماڻهن جا وڌيڪ 26 لاش هٿ، انگ 47 ٿي ويو

نيروبي (م ڊ) آفريقي ملڪ ڪينيا ۾ هڪ مخصوص فرقي جي وڌيڪ 26 ڄڻن جا لاش مليا آهن جنهن بعد هن تحريڪ سان واڳيل لاشن جو انگ 47 ٿي ويو آهي. اوڀر ڪينيا ۾ جاچ پوليس جي سربراهه چارلس ڪامائو چيو ته اڄ اسان کي وڌيڪ 26 لاش مليا آهن ۽ ساڳي جاءِ تان هٿ آيل لاشن جو انگ 47 ٿي ويو آهي

هن چيو ته نه رڳو لاشن پر جيئرو بچي ويلن جي به ڳولا جاري آهي. گذريل هفتي لاش ملڻ بعد پوليس پنهنجي ڪارروائي شروع ڪئي هئي

مالندي ويجهو شڪاهولا ۾ جهنگ جي 800 ايڪڙ علائقي کي تلاشي مهم لاءِ سيل ڪيو ويو آهي

فوتين جو واسطو گڊ نيوز انٽرنيشنل چرچ سان آهي جنهن خلاف مڪمل جاچ شروع ڪئي وئي آهي. پوليس اڳ ئي چرچ جي اڳواڻ ميڪنزي نٿنگي کي گرفتار ڪري چڪي آهي جنهن مبينا طو تي پوئلڳن کي چيو هو ته هو ”يسوع سان ملڻ“ لاءِ پاڻ کي بکيو رکن. کيس ان وقت گرفتار ڪيو ويو هو جڏهن پنهنجي والدين جي نگراني ۾ 2 بکايل ٻار مري ويا هئا

 پوليس نٿنگي جي پوئلڳن کي پڻ گرفتار ڪيو آهي. جن جا جهنگ مان لاش مليا آهن انهن کي نٿنگي حڪم ڏنو هو ته هو جهنگ ۾ وڃن ۽ حضرت عيسيٰ عه سان ملاقات لاءِ مرڻ گهڙي تائين روزو رکن

هن کي به پڙهندا

طالبان افغانستان ۾ داعش جي خاتمي لاءِ آمريڪا جي مدد لاءِ تيار