طالبان افغانستان ۾ داعش جي خاتمي لاءِ آمريڪا جي مدد لاءِ تيار

0
307
طالبان افغانستان ۾ داعش جي خاتمي لاءِ آمريڪا جي مدد لاءِ تيار
طالبان افغانستان ۾ داعش جي خاتمي لاءِ آمريڪا جي مدد لاءِ تيار

ڪابل : آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته طالبان افغانستان ۾ داعش خلاف ڪارروائي ۾ آمريڪا جي مدد ڪرڻ لاءِ حامي ڀري ورتي آهي

 واشنگٽن پوسٽ موجب پينٽاگون جي ليڪ ٿيل هڪ دستاويز ۾ خبردار ڪيو ويو هو ته داعش آمريڪا، يورپ ۽ ايشيائي ملڪن ۾ حملن لاءِ هڪ ڀيرو وري افغانستان جي زمين استعمال ڪري سگھي ٿو

داعش افغانستان ۾ منظم ٿي آمريڪا ۽ ٻين ملڪن گرجا گھرن، سفارتخانن، ڪاروباري مرڪزن ۽ ورلڊ ڪپ فٽ بال ٽورنامينٽ کي نشانو بڻائي سگھن ٿا

ٻي پاسي دوحا ۾ طالبان جي ترجمان سهيل شاهين آمريڪي خدشن کي رد ڪندي چيو آهي ته افغانستان ۾ داعش کي ڪمزور ڪيو ويو آهي. ليڪ ٿيل دستاويزن تي واشنگٽن پوسٽ جي رپورٽ زميني حقيقتن جي ابتڙ آهي

 آمريڪا جي هڪ سينيئر دفائي عهديدار جو چوڻ هو ته طالبان ۽ آمريڪا جو گڏيل هدف آهي. طالبان داعش کي حڪومت لاءِ خطرو سمجهن ٿا ۽ تازن  سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي طالبان حڪومت داعش خلاف ڪريڪ ڊائون آپريشن ۾ آمريڪا جي مدد ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي

 آمريڪي بچاءَ وزارت جي اختيارين موجب افغانستان ۾ آگسٽ 2021ع تي قائم ٿيل طالبان حڪومت داعش خلاف لاڳيتو ڪارروائيون ڪري رهي آهي جنهن ان کي داعش طرفان حملن کي به منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي

 هڪ سينيئر آمريڪي بچاءَ وزارت جي عهديدار جو وڌيڪ چوڻ هو ته منهنجو هرگز اهو مطلب ناهي ته آمريڪا دهشتگردي خلاف پنهنجي جنگ طالبان حوالي ڪري ڇڏي آهي پر ان ڳالهه کي تسليم ڪرڻ ۾ ڪنهن کي به انڪار نه ڪرڻ گھرجي ته طالبان حڪومت داعش تي دٻاءَ رکيون ويٺي آهي