ڪوٽ غلام محمد (ن پ ا) سيشن ڪورٽ ميرپورخاص جي حڪم تي سول جج اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ ون ڪوٽ غلام محمد عبدالقادر کوسو جي نگراني هيٺ هيلٿ کاتي جي ڊاڪٽرن جي ٽيم پاران ڪوٽ غلام محمد لڳ چوڌري عالم قبرستان ۾ 3 مهينا اڳ مبينا قتل ٿيل ميرپورخاص واسي نوجوان دانش قريشي جي قبرڪشائي ڪئي وئي. سيشن ڪورٽ ميرپورخاص جي حڪم تي ڪوٽ غلام محمد جي سول جج اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ ون عبدالقادر کوسو جي نگراني ۾ ميڊيڪل بورڊ ڄامشورو جي ٽيم ڊاڪٽر قربان علي شر، ڊاڪٽر وقار احمد پاران ڪوٽ غلام محمد لڳ چوڌري عالم قبرستان ۾ 3 مهينا اڳ قتل ٿي ويل ميرپورخاص شهر واسي نوجوان دانش قريشي جي قبرڪشائي ڪري خاص جزا ورتا. واضح رهي ته 3 مهينا اڳ ڏهون ميل موري ڀرسان پراڻ شاخ مان نوجوان جو ترندڙ لاش هٿ آيو. واقعي جو ڪيس مقتول جي والده مسمات نجمه قريشي جي فرياد تي ٽائون ٿاڻي ميرپورخاص ۾ تي داخل ڪري ڪيس ۾ نامزد جوابدار غلام حسين قريشي، ڪاشف قريشي، اصغر قريشي، راشد قريشي ۽ جاويد قريشي کي گرفتار ڪيو ويو هو. جڏهن ته سي آءِ اي پوليس ميرپورخاص مقتول جي قتل ڪيس جي جاچ ڪئي هئي جنهن ۾ سي آءِ اي پوليس جوابدار گرفتار ڪيا گرفتار جوابدارن ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪري ورتو آهي. جڏهن ته قبر ڪشائي بعد ورتل لاش جا جزا ڪراچي جي ليبارٽري ۾ ڪيميڪل چڪاس جي لاء اماڻيا ويندا.