لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ويجهو باقراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ هٽڙي ڀرسان 6 ڏينهن اڳ کوهه مان 50 ورهين جي اڌڙوٽ لاهوتي عرف عبدالغفور ابڙو جو گولي لڳل لاش هٿ آيو هو، جنهن کان پوءِ ڪالهه حد جي بقاپور ٿاڻي تي مبينا قتل ٿي ويل همراهه جي ڀائيٽي نديم ابڙو جي فرياد تي چئن جوابدارن عصمت الله ميمڻ، محمد عثمان ميمڻ، محمد صادق ميمڻ ۽ هڪ اڻ سڃاتل جوابدار مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان بقاپور ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي.