ڪوٽ غلام محمد (ن پ ا) ڪوٽ غلام محمد لڳ پنج ڏينهن اڳ ڳوٺ چوڌري محمد اسماعيل ديھه 296 ۾ شريمتي مينا زال والجي ڪولهي جو قتل ڪيس ڪوٽ غلام محمد ٿاڻي تي فريادي پومون ڪولهي جي فرياد تي عورت جي مڙس والجي ڪولهي خلاف داخل ڪيو ويو آهي، ايف آءِ آر ۾ فريادي ڄاڻايو آھي ته شريمتي مينا ڪولهي تي تشدد ٿيل هو ۽ پاسراٽين تي ڌڪن جا نشان هئا، جڏهن ته سندس ڳلي تي ڪارو نشان هو، فريادي موجب مينا کي سندس مڙس تشدد ڪري ۽ گهٽا ڏئي قتل ڪيو آهي، اطلاع آھن ته پوليس جوابدار والجي ڪولهي کي گرفتار ڪيو آھي پر سندس گرفتاري ظاهر نه پئي ڪئي وڃي.