رپڙي (ن پ ا) رپڙيءَ لڳ گلو سيال پوليس ٻن قتل ڪيسن ۾ گهربل مک جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. گلو سيال پوليس ڳوٺ مڱڻيجا ۾ ڪارروائي ڪندي ٻن قتل ڪيسن ۾ گهربل مک جوابدار شوڪت علي مڱڻيجو کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار جوابدار کي گمبٽ جي عدالت ۾ پيش ڪرڻ بعد جيل حوالي ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ ايس ايچ او گلوسيال سوڀارو خان شيخ ٻڌايو ته جوابدار شوڪت علي مڱڻيجو ڳوٺ مڱڻيجا ۾ پسند شادي ڪندڙ نوجوان ياسين مڱڻيجو کي هڪ سال اڳ گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو هو. ان کان اڳ به جوابدار پوليس اهلڪار بشير مڱڻيجو کي سوڀو ديرو ۾ قتل ڪرڻ کان پوءِ روپوش هو. گرفتار جوابدار ٻنهي قتل ڪيسن جو مک جوابدار آهي، جنھن تي خيرپور ضلعي جي ٻن ٿاڻن تي چورين ۽ ڦرن جا ڪيس داخل ٿيل آهن. دعويٰ مطابق ڳجهي اطلاع تي گلو سيال لڳ بٺ مڱڻيجا ۾ ڇاپو جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو.