ڪوٽڙي (ن پ ا) ڪوٽڙي جي علائقي شيرازي پاڙي جي رهواسڻ شادي شده ٻن ٻارن جي ماءُ ليڊي پوليس ڪانسٽبل انيلا ٿيٻو کي وارثن نيم بيھوشي واري حالت ۾ ڊي ايچ ڪيو اسپتال آندو، جتي ليڊي پوليس ڪانسٽيبل انيلا ٿيٻو پنهنجي اخبار اڳيان دانيهندي الزام هڻندي چيو ته سندس پاڙي جو نوجوان احسان جتوئي گهر ۾ ڪم ڪار ڪرڻ ايندو هو، جنهن مون کي ننڊ جون گوريون کارائي ڏاڍائي ڪئي ۽ اعتراض جوڳيون وڊيوز ڀريون، جنھن بعد وڊيو وائرل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي احسان 5 لک رپيا مون کان ورتا، جيڪي مون بينڪ مان قرض کڻي کيس ڏنا ۽ هر مهيني پگهار مان به الڳ سان پئسا وٺندو رهيو، ليڊي ڪانسٽيبل وڌيڪ چيو ته پئسه وٺڻ بعد احسان 3 سالن تائين بليڪ ميل ڪري ڏاڍائي ڪندو رهيو، هڪ ڀيري احسان دوکي سان حيدرآباد ۾ گهرايو، جتي احسان جتوئي ۽ سندس 3 مامن جي آر ڪالوني ۾ نشو ڏئي مون سان اجتماعي ڏاڍائي ڪئي ۽ ان جون وڊيوز ڀريون، جنھن بابت مون ايس ايس پي ڄامشورو کي درخواست ڏني پر ڪوبه داد فرياد نه ڪيو ويو ۽ منهنجي درخواست ڊي ايس پي ايڊمن جي حوالي ڪئي وئي، جنهن مون کي گاريون ڏئي آفيس مان ڊوڙائي ڪڍيو، بعد ۾ون اي آءِ جي آفيس ۾ درخواست ڏني جتي پڻ وومين ڪمپلينٽ سيل جي انچارج جوابدار ڌر جي ونگار وهندي مون کان پئسا ورتا ۽ نوڪري ختم ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي گوڏن ڀري ويهاري معافيون وٺرائي مون کي پوليس جي وردي ۾ ٿڦڙون هيون ۽ ان جي وڊيو به رڪارڊ ڪرائي، انيلا ٿيٻو چيو ته مون حسان جتوئي جي بليڪ ميلنگ ۾ اچي اڳئين مڙس کان طلاق ورتي، احسان جتوئي مون کي شادي جا آسرا به ڏيندو رهيو ۽ 9 مهينا اڳ هن ڪوڙو نڪاح نامون ٺهرائي مون کان صحيحون وٺي نڪاح نامون پاڻ وٽ رکي ڇڏيو، هن چيو ته هن وقت مان دربدر ٿي چڪي آھيان، ڪجھه ڏينھن اڳ مون احسان جتوئي جو موبائل فون پنھنجي آفيسرن حوالي ڪيو پر انھن ان مان سڄي ڊيٽا ڊليٽ ڪري ڇڏي، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي مونسان انصاف ڪيو وڃي.

ڪوٽڙي: انيلا جي وارثن انيلا ٿيٻو جي ڀيڻ راحيلا ٿيٻو ٻڌايو ته انيلا اھڙي صورتحال ۾ مايوس ٿي ننڊ جون گوريون کائي آپگھات جي ڪوشش ڪئي، جنھن سبب سندس حالت خراب ٿيڻ تي کيس ڪوٽڙي جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال کڻائي آياسين، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ سبب کيس سول اسپتال حيدرآبار ريفر ڪيو ويو.