ڪولاب جيئل (ن پ ا) ڪولاب جيئل  ڀرسان يوسي شاھ ڀنگيو جي مشھور درگاھ نبي شاھ جو ٽن ڏينهن وارو عرس شروع ٿي ويو، درگاھ جي گادي نشين  ۽ ٻين پاران چادر چاڙھي دعا گھري عرس جو افتتاح ڪيو ويو، ان موقعي تي سنڌ ۽ پنجاب جي ٽيمن ۾ ڪوڏي ڪوڏي جا سخت مقابلا  ٿيا. عرس جو افتتاح يوسي غلام حيدر ڦلپوٽو، خان محمد ڦلپوٽو، گادي نشين دھمان علي شاھ ۽ درگاھ جي فقيرن گڏجي چادر چاڙھي ڪيو. علائقي واسين سميت وڏي تعداد ۾ زائرين  عرس مبارڪ ۾ شرڪت ڪئي. راڳ رنگ جي محفل پڻ منعقد ڪي وئي ، جنھن ۾ مشھور فنڪارن صوفي ڪلام چئي محفل ۾ ويٺلن کي جھومائي ڇڏيو ، جڏھن ته عرس مبارڪ  جي پھرين ڌمال ۾ سنڌ پنجاب جي ڪوڏي ڪوڏي جي ٽيمن بھترين راند جو مظاهرو ڪيو.