جروار (ن پ ا) يارو لنڊ ۾ پير پکڙوئي جو ساليانو شروع ٿي ويو، فياض خان لنڊ افتتاح ڪيو. عرس ۾ محفل موسيقي، سرڪس، موت جا کوھ، چڙيا گهر، جهولا، ٿيٽر، اسٽيج شو، ملاکڙو، ڪوڏي ڪوڏي، اٺن جي ڊوڙ جهڙيون تفريحي سرگرميون منعقد ڪيون وينديون. عرس ۾ شرڪت لاءِ  مختلف علائقن مان زائرين جي آمد جو سلسلو جاري آھي. پير پکڙوئي جو عرس 5 ڏينهن تائين جاري رهندو. ان موقعي تي محفل موسيقي ۾ ملڪ جا ناليوارا فنڪار ممتاز مولائي چانڊيو، غلام حسين عمراڻي، دلشير تيوڻو، عمران جمالي، ڪامران جمالي، منور مولائي، شعبان چاچڙ، شھزاد لنڊ، فقير علي حسن ساوند، جميل شاهاڻي، رخسانه ماروي، شازيه ماروي، سهڻي ناز ۽ ٻيا فن جو مظاهرو ڪندا. ٻئي پاسي پير پکڙوئيءَ جي عرس مبارڪ تي ملڪ جي مختلف علائقن کان ايندڙ زائرين درگاھ تي رهائش، پيئڻ جي پاڻي توڙي واش رومز جون سهولتون نه هئڻ جون شڪايتون ڪيون آهن.