ڇاڇرو (ن پ ا) ٿر ۾  هرڻن جو شڪار ۽ اسمگلنگ جو سلسلو بند نه ٿيو، ڪار مان هرڻن جا 4 ٻچا هٿ، 2 شڪاري گرفتار، ڪيس داخل، خبر موجب ٿر جي علائقن ۾ هرڻن جو شڪار ۽ اسمگلنگ جو سلسلو رڪجي ناهي سگهيو، رتنور روڊ تي وائلڊ لائيف کاتي جي ٽيم ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري ڪار مان هرڻ جا 4 ٻچا هٿ ڪري ٻن شڪارين مقبول راهمون ۽ عبدالله سميجو کي گرفتار ڪري ورتو، وائلڊ لائيف کاتي جي ٽيم موجب جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ٽيم موجب شڪاري ناياب نسل جي هرڻن جا چار ٻچا وڪري لاءِ عمرڪوٽ طرف کڻي وڃي رهيا هئا ته ڪارروائي ڪئي وئي.