اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جي يو آءِ جي سينيٽر ڪامران مرتضيٰ سينيٽ سيڪريٽريٽ ڪورونا وبا سبب سرڪاري نوڪري لاءِ عمر جي حد ۾ هڪ سال اضافي لاءِ قرارداد جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪورونا وائرس سبب نوڪري لاءِ مقرر ڪيل عمر جي حد ۾ هڪ سال اضافو ڪيو وڃي، عمر جي حد مڪمل ٿيڻ کان پوءِ اڪثر نوجوان نوڪريون حاصل نه ڪري سگهندا آهن، جڏهن ته جي يو آءِ جي سينيٽر ڪامران مرتضيٰ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ بيڪ ڊور جاري رابطن جي حوالي سان به قرارداد جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت پارليامينٽ کي ڀارت سان بيڪ ڊور رابطن بابت اعتماد ۾ ناهي ورتو، هي ايوان مطالبو ڪري ٿو ته ڀارت سان جاري بيڪ ڊور رابطن تي بحث ڪيو وڃي.