حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيسڪو جي بورڊ آف ائريڪٽرز ۾ سول سوسائٽي جا 3 نمائندا شامل ڪيا ويا آهن. منسٽري آف انرجي پاور ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تحت سول سوسائٽي جي جن ٽن نمائندن کي حيسڪو جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ شامل ڪيو ويو آهي تن ۾ ذوالفقار احمد فاروقي، محمد راشد خان ۽ جناءُ الله خان ٽالپر شامل آهن. انهن نمائندن جو عهدو خودمختيار ڊائريڪٽر وارو هوندو.