اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته ڪارڪردگي معاهدي جو تصور سمورن وفاقي وزارتن ۽ ڊويزنن ۾ لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن سان وزارتن اندر سال بعد حدف حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي، اهڙو اظهار ڪالهه هن اسٽيبلشمينٽ دويزن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار ارباب شهزاد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو، ملاقات دوران مختلف وزارتن سان ڪارڪردگي معاهدي بابت صلاحڪار ارباب شهزاد ناڻي وزير کي بريفنگ ڏني، ٻئي طرف ناڻي وزير شوڪت ترين سان پي اينڊ پينشن ڪميشن جي چيئرپرسن نرگس سيٺي ملاقات ڪئي، نرگس سيٺي ناڻي وزير شوڪت ترين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پينشن جو موجوده نظام ڊگهي وقت لاءِ پائيدار ناهي، ناڻي وزير شوڪت ترين ڳالهائيندي چيو ته پگهارن ۽ پينشن جي نظام کي شفاف بڻائڻ لاءِ پي اينڊ پينشن ڪميشن جون ڪوششون تعريف جوڳيون آهن، هن پگهارن ۽ پينشن جي ادائگي لاءِ مختصر، وچين ۽ ڊگهي مدت جون تجويزون مرتب ڪرڻ جي هدايت ڪئي