ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪورنگي ۾ ناصر جمپ وٽ بي رحم پٽ قينچي جا وار ڪري پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو.پوليس موجب جوابدار ولسن پنهنجي پيرسن پيءَ ملڪ مسيح  مٿان قينچي جا وار ڪيا، جنهن سبب هو سخت زخمي  ٿي پيو، کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هن دم ڏئي ڇڏيو. پوليس موجب جوابدار منشيات جو عادي آهي، ابتدائي اطلاع آهن ته  پيءَ پٽ ۾ پئسن جي معاملي تان جهيڙو ٿيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي