ڪشمور(رپورٽر)ڪشمور ويجھو گيھلپور ٿاڻي جي ڳوٺ داد محمد جکراڻي ۾ 30 ورھين جي مسمات تاجل جکراڻي پراسرار نموني فوت ٿي وئي، گيھلپور ٿاڻي جي پوليس ۽ فوتي عورت جي ڀائٽيو لاش سول اسپتال کڻائي آيا،جڏهن ته عورت جي فوت ٿيڻ جا ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيا، ان حوالي سان سول اسپتال جي ايم ايس جمع مزاري ٻڌايو ته وارث فوتي عورت جو پوسٽ مارٽم نه ڪرائڻ ڏنو، هوڏانهن پوليس موجب ته واقعي جي شفاف جاچ ڪري رهيا آهيون، عورت جي مڙس ٽلو جکراڻي کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيو آهي، واقعو قتل نڪتو ته ڪيس داخل ڪيو ويندو، جڏهن ته علائقي ۾ چوٻول آهن ته عورت کي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو آهي،