تربت(م ڊ) بلوچستان جي شهرن ڪوئيٽا ۽ تربت ۾ دهشتگردن ايف سي جي گاڏي تي حملا ڪري چئن اهلڪارن کي شهيد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڇهه اهلڪار زخمي ٿي پيا. جوابي فائرنگ ۾ چار کان پنج دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب هٿياربندن ڪوئيٽا ۽ تربت ۾ ايف سي اهلڪارن کي نشانو بڻايو. حملا ديسي دستي بمن سان ڪيا ويا، تربت ويجھو ايف سي جي گاڏي بارودي سرنگه سان ٽڪرائجي ئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پنج دهشتگرد مارجي ويا ۽ 8 زخمي ٿي پيا.