ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) سروسز کاتي جي اختيارين وڏي وزير جي هدايتن بعد سمورن کاتن کي خط لکي ٽن سالن کان مقرر ڪامورن جا تفصيل گھرائي ورتا، سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن واري کاتي ۾ اڍائي سال کان ڪم ڪندڙ سيڪشن آفيسرن کي پڻ ٻين کاتن ۾ اماڻيو ويندو. ٻين کاتن لاءِ ٽن سالن جي مقرري وارو شرط برقرار رکيو ويندو. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب وڏي وزير پاران سروسز کاتي جي اختيارين کي خط لکڻ واري معاملي جي رپورٽ “پنهنجي اخبار” ۾ ڇپجڻ کانپوءِ سروسز کاتي جي اختيارين تعليم، صحت، آبپاشي، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ سميت ٻين کاتن، اٿارٽين توڙي ادارن کي خط لکي هدايت ڪئي آهي ته 3 سالن کان ساڳئي پوسٽ تي مقرر ايڊيشنل ۽ ڊپٽي سيڪريٽرين، ڊائريڪٽرن ۽ سيڪشن آفيسرن جا تفصيل جلد اماڻيا وڃن. جڏهن ته سروسز کاتي ۾ ڪئي سالن کان مقرر ڪامورن لاءِ رڳو اڍائي سالن جي مقرري وارو شرط رکيو ويو آهي.