ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ دراني مهر ڪچي جي ڳوٺ رئيس مينگل چاچڙ ۾ هٿياربندن هٿان مارجي ويل 9 ڄڻن واري سانحي بعد 4 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي، جنهن سبب علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال آهي، جڏهن ته مقتولن جي وارثن سان چوٿين به ڏينهن ام رباب چانڊيو،سردار حاجي خان چاچڙ،سردار حاجي خان مهر، شمشير مزاري، گلاب حسين ڊومڪي،ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي، مير افتخار خان لنڊ، ڊاڪٽر قادر مگسي،حيدر علي جکراڻي،ظفر خان ڀيو،نصرالله چاچڙ،رئيس عطاءُالله ڀٽو،ايم اين اي سردار احسان الرحمان مزاري،سردار سليم جان مزاري،يعقوب شاهه،محبوب شاهه سميت ٻين تعزيت ڪئي. ان موقعي تي ام رباب چانڊيو چيو ته اڄ هڪ خاندان جي 9 ماڻهن جي قتل وارو واقعو سنڌ حڪومت جي ناڪامي آهي، ماڻهو ماريا پيا وڃن، پوليس ڊيل ڪري ماڻهو گرفتار ڪندي آهي، هن چيو ته پوليس امن و امان ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي آهي، اسان کي پاڻ ۾ وڙهايو پيو وڃي، هن چيو ته قبائلي تڪرارن جي خاتمي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي تحريڪ هلائڻي پوندي، ٻي طرف ايس ٽي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته 9 ڄڻن جي قتل جي مذمت ڪيان ٿو، رينجرز کي اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته حڪمران خوني راند ختم ڪرائڻ لاءِ سنجيده ناهي، ڪيستائين نوجوانن جا لاش کڻندا رهنداسين، هن مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ قبائلي جھيڙن جي روڪٿام لاءِ حڪومت ۽ سياسي سماجي ڌرين کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هوڏانهن ڪنڌڪوٽ ۽ گهوٽڪي ۾ قبيلائي تڪرارن جي خاتمي لاءِ سياسي سماجي اڳواڻن پاران ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ڪنڌڪوٽ ۾ اڪرم باجڪاڻي،رزاق لاشاري،عرض بنگلاڻي،ابراهيم خاڪي،وقار خواجا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گهنٽاگهر کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. گهوٽڪي ۾ چاچڙ اتحاد ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن محمد حسن چاچڙ، اعظم چاچڙ، سڪندر چاچڙ ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ چاچڙ برادي جي هڪ گهر جي 9 ڄڻن کي قتل ڪرڻ وارو واقعو آفسوس ناڪ آهي، هنن چيو ته جوابدار گرفتار نه ٿيڻ پوليس جي ناڪامي آهي، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ڪچي واري علائقي ۾ رينجرس يا فوج کان آپريشن ڪرايو وڃي.