سرحد/ رائونتي (نمائندن وٽان) سرحد ڀرسان ٻه ڏينهن اڳ آندل سندراڻي ٿاڻي جي حد لڍڙ ٻيلو ۾ ڳوٺ جيوڻ لکڻ جا رهواسي ٽن ڄڻن صدورو لکڻ، سليم لکڻ ۽ حبيب الله لکڻ کي ڌاڙيل جمعو شر ۽ سونو شر جي ٽولن اغوا ڪري سندن وارثن کي پيغام ڏنو هو ته جمعو شر کي سال اڳ مخبري ڪري پوليس هٿان گرفتار ڪرائڻ جو فيصلو ڏيو يا 30 لک ڀنگ ڏيو ته ٽنهي مغوين کي آزاد ڪيو ويندو نه ته ٻي صورت ۾ کين قتل ڪيو ويندو. پوليس آندل سندراڻي ٿاڻي جي حد لڍڙ ٻيلو، فون لانڍي ۽ رائونتي جي ڪچي سميت مختلف علائقن ۾ بڪتر بند گاڏين ذريعي ڌاڙيلن جي ٺڪاڻن ۽ گهرن تي آپريشن ڪري ڌاڙيل جمعو شر جي ويجهن عزيزن جي گهرن کي باهيون ڏئي سندس 7 ويجهن عزيزن کي گرفتار ڪري وئي. لکڻ برادري اهڙي الزامن جي ترديد ڪندي ڌاڙيلن کي خاطري ڪرائيندي پنھنجي ملوث نه هجڻ کان آگاهه پڻ ڪيو هو پوءِ به پلاند ۾ سونو شر ۽ جمعو شر لکڻ برادري جي ٽنهي پورهيتن کي يرغمال بڻائي پاڻ وٽ قيد ڪري رکيو آهي،شر برادريءَ جي هڪ نوجوان سوشل ميڊيا تي الزام ھڻندي چيو ته پوليس اسان جون عورتون کڻي وئي آھي،جڏھن ته پوليس عورتون کنڀي اچڻ واري الزام رد ڪري ڇڏيو آھي. ھوڏانھن سومر ڏھاڙي خانپور مھر جي علائقي لوھي جا رهواسي ٻه نوجوان شعبان ملڪ ۽ خير محمد ملڪ پڻ مبينا طور اغوا ٿي ويا آھن جن جي وارثن جو چوڻ آھي ته نوجوانن جا نمبر ٻن ڏينهن کان بند آھن کين شڪ آھي ته نوجوانن کي اغوا ڪيو ويو آھي. ذريعن موجب ڌاڙيل سونو شر ۽ لکڻ برادري جي چڱن مڙسن وچ ۾ ڌاڙيل جمعو شر جي گرفتاري دوران پوليس مخبري الزامن بابت فيصلي جون ڳالهيون هلندڙ هيون ته پوليس آپريشن سبب ڳالهين وارو دور في الحال ناڪام ٿي ويو آهي.