ڪنڌڪوٽ ۾ پائوڊر ۽ ڪيميڪل وارو کير وڪرو ڪندڙ گروهه گرفتار

0
245

ڪنڌڪوٽ(ن پ ا) ڪنڌڪوٽ فوڊ اٿارٽي ڪنڌڪوٽ پوليس ۽ ضلعي نتظاميا جي گڏيل ڪاروائي پائوڊر ۽ ڪيميڪل وارو کير شهرين کي وڪرو ڪندڙ گروهه گرفتار، پوليس سان گروه جو جهيڙو، 2 پوليس اهلڪار زخمي، 25 ڄڻن مان 6 ڄڻا گرفتار، 19 ڄڻا فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب، ڊي سي منور علي مٺياڻي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته شهر جي مختلف هنڌن تي پائوڊر وارو کير وڪرو ڪندڙ گروه خلاف ڪاروائي ڪئي سين ته گروه پوليس سان جهيڙو ڪيو، جنهن تان 6 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ڊي سي موجب گرفتار ٿيلن ۾ اشرف علي ولد همل چاچڙ،عبدالجبار ولد شهمير چاچڙ. بلخشير ولد بهادر قمبراڻي . پيارو ولد بهادر قمبراڻي . انور علي ولد شير محمد ڀيو .محمد عثمان ولد شمن سندراڻي شامل آهن، هن چيو آهي ته ميڊيا تي خبرون هلڻ بعد نوٽيس ورتو ايس ايس پي جي ٽيم کي سلام ڪيون ٿا جنهن بهتر حڪمت عملي سان ڪاروائي ڪري گرفتاريون ٿيون آهن. هن چيو آهي ته 6 ماڻهو پڪڙيا آهن ڪوشش ڪنداسين ته هنن کي سخت کان سخت سزا ڏياري وڃي ميڊيا جي دوستن کي سلام ڪيون ٿا جنهن نشاندهي ڪرائي آهي توهان اوهان سڀني جي ڪاميابي آهي، ڊي سي جو چوڻ آهي ته فلحال 6 ڄڻا گرفتار ڪيا آهن اسان ڪوشش ڪيون ٿا هنن جو مين ڪردار جيڪو آهي هنن کي گرفتار ڪري سگهجي هنن تائين پهچي سگهجي، پائوڊر وارو کير اگر ميڊيڪل اسٽورز تي موجود آهي ۽ اتي وڪرو ٿئي ٿو ته نشاندهي ڪرائي وڃي هنن خلاف به ڪاروائي ڪئي ويندي، هن چيو آهي ته 25 ڪلو پائوڊر ڪيميڪل وارو کير هٿ ڪيو آهي حڪمت عملي اها آهي ته پهريان هنن کي سخت سزا ڏياري وڃي ميڊيا نظر رکي وري اگر ڪو پائوڊر وارو کير هلائن ٿا وري انتظاميا حرڪت ۾ اچي ويندي هر مهيني ريٽ فڪس ڪندا آهيون کير تي توجه نه ڏنو آهي پر هاڻ کير تي به ريٽ فڪس ڪيو ويندو، فوڊ اٿارٽي وارن کي لکيو آهي ڊويزن ليول تي ٽيم موجود آهي پر اسان وٽ هتي ٽيم لوڪل سطح تي موجود ناهي پر اسان هنن کي لکيو آهي ان بعد ئي ڊويزن مان ٽيم پهتي ۽ گڏيل ڪاروائي ڪئي آهي اسان پوري ضلعي ۾ ڪاروايون ڪري رهيا آهيون، ڊي سي چيو آهي ته جوابدارن مٿان 2 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جوابدارن مٿان ڊيوٽي اٽڪاءُ پوليس سان جهيڙو ۽ صحت لاءِ هاڃيڪار پائوڊر ۽ ڪيميڪل وارو کير وڪرو ڪرڻ جو ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي، جوابدارن کي ڪير به سپورٽ نه پيو ڪري هنن خلاف ڪاروائي لاءِ سڀئي متحرڪ آهيون مختلف شهرن ۾ کاڌي پيتي وارين شين جي چڪاس لاءِ ٽيم ڪنڌڪوٽ پهتل آهي. پائوڊر وارو کير هوٽلز تي هلي پيو اتي به ڪاروائي ڪئي ويندي.