ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) بخشاپورمان ڏيڍ مهينو اڳ اغوا ٿي ويل غلام رسول ميراڻي ۽ ڪنڌڪوٽ واسي سينگار ملڪ جي بازيابي لاءِ ايس ايس پي آفيس جي مين گيٽ اڳيان سنڌ ملاح فورم جي سڏ تي ڌرڻو هنيو ويو، اڳواڻن غلام مصطفيٰ ميراڻي، بشير ميراڻي، ايس يو پي جي ظريت بجاراڻي، دلمراد ڏهاڻي شاھنواز مرهيٽو، ايس ٽي پي جي جيوڻ سبزوئي، فريدجکراڻي، اي ڪي اوڳاهي، جي يو آءِ جي ابراهيم خاڪي، جماعت اسلامي جي نصر الله چنا، شيعا علماءِ ڪائو نسل جي بشير حيدري ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ضلعي اندر بدامني جو راڪاس ڇانيل آھي، پر پوليس ستل آھي، ٿاڻن تي مقرر ايس ايچ اوز صرف ڪمائي ۾ پورا آھن. هنن چيو ته ڌاڙيل ڏينهن ڏٺي ماڻھو اغوا ڪن ۽ سري عام شھرين کان ڦر ڪن ٿا، چور زوري گهرن مان چوريون ڪن ٿا. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته غلام رسول ميراڻي، سينگار ملڪ سميت سميت ٻين کي جلد بازياب ڪرايو وڃي.ڊي ايس پي اصغر شاهه اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري ٽن ڏينهن جي مهلت ورتي ۽ مغوين کي بازياب ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو.