چڪ (رپورٽ: آزاد انور مهر) چڪ ٿاڻي جي حد ڳوٺ نظرمحمد جاگيراڻي ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل ڪار ڊرائيور حاڪم مهر جي واقعي خلاف چڪ جي شهرين پنهنجو ڪاروبار بند ڪري پنج گهٽي چوڪ کان سکر ڪنڌڪوٽ روڊ تائين مارچ ڪري سخت نعري بازي ڪئي.ڊاڪٽر نويد مهر، غلام قادر مهر، مولوي سعود ڀيو، عبدالجبار مهر ۽ ٻين چيو ته پوليس جوابدار گرفتار ڪري مقتول جي وارثن کي انصاف ڏياري، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.ٻئي طرف حاڪم مهر جي جنازي نماز هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ جي ڊي اي جي ايم اين اي غوث بخش خان مهر سميت سوين شھرين شرڪت ڪئي. ڪار مالڪ جاگيراڻي برادري جي چڱي مڙس حاجي عبدالنبي جاگيراڻي جو چوڻ ھو ته جتوئي برادري جي هٿياربندن سڌي فائرنگ ڪئي، حاڪم مهر جو ناحق خون ڪيو ويو، واقعي جي سخت مذمت ڪريون ٿا،  پوليس ڪيس داخل ڪري ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري هي قبائلي دهشتگردي آھي مقتول ڊرائيور سان انصاف ٿيڻ گهرجي.ٻڌايو پيو وڃي ته واقعو جتوئي جاگيراڻي قبائلي تڪرار تان پيش آيو.