بلڙي شاهه ڪريم (ن پ ا) بلڙي شاهه ڪريم جي ڳوٺ حامد سمون جي ڳوٺاڻڻ گنج بحر واھ تي پل نه ھجڻ سبب ڳوٺاڻي جو جنازو کٽ ذريعي پاڻي مان گذاري  قبرستان پھچايو، ان حوالي سان منير احمد سمون ڏاڏا سمون موجب ته ڪيتري عرصي کان اسان جي ڳوٺ کي گنج بحر واھ تان پل نه ملڻ ڪري سخت پريشان آھيون، جڏهن به فوتگي ٿئي ٿي ته اسان پنهنجي پيارن جا لاش کي ڪلھن تي يا کٽن ذريعي واھ جي پاڻي مان ڪراس ڪرائي قبرستان ۾ دفن ڪندا آھيون، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پل ٺهرائي وڃي.