ڪنري (ن پ ا) ڪنري ڀرسان پيءُ جي چماٽ ھڻڻ تان معصوم نينگر ڪاوڙجي زھريلي دوا پي ڇڏي، اسپتال داخل. ڪنري ڀرسان جوڻيجا موري ڳوٺ آصف گِل ۾ 13 سالن جي نينگر نھال پٽ رامجي ڪولھي پنھنجي پيءُ سان ناراض ٿي گھر اندر پيل زھريلي دوا پي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي. نينگر کي تعلقي اسپتال ڪنري آندو ويو. جتي ڊاڪٽرن جي ڪوششن بعد سندس حياتي بچائي وئي. نينگر نھال ڪولھي ٻڌايو ته سندس پيءُ ڪانٽو نه کڻڻ تان چماٽ ھنئي جنھن تان ڪاوڙ ۾ اچي گھر جي اندر پيل زھريلي دوا پي ڇڏي.