ڪنري (ن پ ا) ڪنري ڀرسان ڳوٺ ويرسي ڪڇي ۾ 27 سالن جي اسلم ولد انور ڪپري گھرو تڪرار تان زھريلي دوا پي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، نوجوان کي تعلقي اسپتال ڪنري آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن جي ڪوششن بعد سندن حياتي بچائي وئي. ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان گھرو اڻبڻت تان اھڙو قدم کنيو. کيس ٽن ٻارن جو اولاد پڻ آھي.