ڪنري (ن پ ا) ڪنري ڀرسان ڳوٺ ساڏوري ۾ فتح علي شاهه پاران مولودن جي محفل ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، محفل ۾ رسول بخش مڱڻھار، علي محمد چانڊيو، غفور درس ۽ محمد بخش موچي ۾ مولود پڙھڻ جا مقابلا ٿيا، ان موقعي فتح علي شاهه چيو ته آڳاٽي زماني جي مدرسن مان ھڪ مدرسو اسان جو به آھي، جنھن ۾ قرآن پاڪ جي تلاوت سان گڏ ماڻھن کي الله جي رسول جي قريب ڪندڙ رسم مولود شريف جو سلسلو ھلندڙ آھي، ھن وقت ھڪ صدي کان مٿي عرصي کان اسان وٽ مولودن جي محفل جو سلسلو جاري آھي، هن چيو ته مولود شريف جو پنھنجو ھڪ الڳ مان مرتبو آھي، مولود شريف سنڌي شاعري ۾ سھڻو ۽ الڳ حيثيت رکندڙ ادبي حصو پڻ آھي، جنھن کي ٻه يا ٻن کان وڌيڪ ماڻھو گڏجي پنھنجي خوبصورت آواز سان ڳائيندا آھن. محفل جي آخر ۾ دعا گھري وئي ۽ لنگر نياز ورھايو ويو.