ڪنري (ن پ ا) نبي سر روڊ ڀرسان شاھ فارم جا رھواسي نبي سر ٿر ۾ احساس ڪفالت پروگرام جا پئسا ۽ راشن وٺڻ لاءِ ويندڙن جو رڪشا ڳوٺ ڊاڪٽر حاجي عمر وٽ ايڪسل راڊ ٽٽڻ سبب ڪلٽي ٿي سم نالي ۾ ڪري پيو، نتيجي ۾ ڪولھي برداري جا عورتن سميت 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ گلابي، شانتي، ماسنگھه، ڀاڻجي، مولچند اميون ۽ ٻيا شامل آھن، جن کي مقامي ماڻهن پاران اسپتال منتقل ڪيو ويو.