ٺٽو/ جنگشاهي (رپورٽر) ٺٽي ويجھو ڪار موٽر سائيڪل سان ٽڪرائجي سم نالي ۾ ڪلٽي، هڪ موٽر سائيڪل سوار فوت، 3 سخت زخمي، ٻن زخمين کي نازڪ حالت ۾ ڪراچي اسپتال روانو ڪيو ويو. ٺٽي ويجھو ٺٽو سجاول باءِ پاس تي تيز رفتار ڪار موٽر سائيڪل سان ٽڪرائجي روڊ جي ڀرسان وهندڙ سم نالي ۾ ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار جنگشاهي واسي عرفان ولد عبدالله جوکيو موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته 3 ڄڻا غلام مصطفيٰ ڀٽو، ارشد ڪنڀار ۽ طارق باجڪاڻي سخت زخمي ٿي پيا. حادثي جي فوتيءَ جو لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال ٺٽو منتقل ڪيو ويو، جتان ٻن زخمين غلام مصطفيٰ ڀٽو ۽ ارشاد ڪنڀار کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ علاج لاءِ ڪراچي اسپتال ريفر ڪيو ويو. جڏهن ته ضروري ڪارروائي بعد فوتي نوجوان جي لاش کي وارث گھر مڪلي کڻائي ويا ، نوجوان جي لاش جي گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.