ڪنب (رپورٽ: ذاڪر حسين تمراڻي)  ڪنب شھر ۾ ٽن مهينن کان صفائي جو نظام بهتر نه ٿي سگهيو آھي، شھر جي شهباز ڪالوني، بينظير ڪالوني، مهراڻ ڪالوني، حسيني ڪالوني، محله محمد يوسف تمراڻي، محله  ذوالفقار تمراڻي سميت ڪيترن ئي محلن ۾ صفائي نه ٿيڻ ڪري گندگي جا ڍير لڳل آھن، جڏهن ته نالين جي صفائي نه ٿيڻ سبب گندو پاڻي رستن تي بيٺل آهي، ان حوالي سان  شهرين منظورحسين ميمڻ، وسند ڪمار، سريچند، اعظم گل بروهي ۽ ٻين  احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته شھر سڄو گندگي جو ڏيک ڏئي رهيو آھي، هنن وڌيڪ چيو ته  ڪيترن مهينن کان ٽائون انتظاميا پاران شهر جي صفائي نه ڪرائي وئي آهي، ڪنو پاڻي رستن تي بيهڻ سبب سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهيون،  هنن چيو ته شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، نوٽيس وٺي صفائي ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي.