سکر (بيورو رپورٽ) سکر ضلعي ڪائونسل جي ملازمن طرفان  ريلي ڪڍي مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي تي عبدالمجيد جسڪاڻي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته رٽائرڊ ملازمن کي پينشن، گريجوئٽي وقت سر نه پئي ڏني وڃي، رٽائرڊ ملازم توڙي سندن خاندان سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن، هنن چيو ته ضلع ڪائونسل جي ملازمن جون پگهارون پينشن آن لائين ڪرڻ لاءِ به ڪافي ڀيرا لاڳاپيل اختيارين کي درخواستون ڏنيون آهن پر ان باوجود اختيارين ڪو تحرڪ ناهي ورتو. هنن  مطالبو ڪيو ته فوري طور تي رٽائرڊ ملازمن جي پينشن، گريجوئيٽي فوري طور تي ڏني وڃي، ضلعي ڪائونسل جي ملازمن جون پگهارون آن لائين نه هجڻ سبب ماهوار ڪٽوتي ٿيڻ معمول بڻيل آهي، تنهن ڪري فوري طور تي پگهارون ۽ پينشن آن لائين ڪيون وڃن