ڪراچي (دلچسپ نيوز) مائڪرو سافٽ اعلان ڪيو آهي ته هن جو نئون آپريٽنگ سسٽم ونڊوز 11 واهپيدارن کي جلد دستياب هوندو. پر ونڊوز 11 واهپيدارن کي فوري طور تي نه ملندو ڇو جو  مائڪرو سافٽ تصديق ڪئي آهي ته هو ان کي رول آئوٽ ڪرڻ جي منصوبابندي ڪري رهيا آهن ۽ سڀ کان اڳ جديد ترين سسٽمز تي جي اپ ڊيٽ فراهم ڪئي ويندي. واهپيدارن کي ونڊوز 11 ڪڏهن دستياب هوندو؟ مائڪرو سافٽ موجب 5 آڪٽوبر 2021ع کان، واهپيدارن کي نئين سسٽم جي خريداري سان گڏ ونڊوز 11 ملندو. مائڪرو سافٽ کي اميد آهي ته ونڊوز 11 جو رول آئوٽ 2022ع جي وچ تائين مڪمل ٿي ويندو. تنهنڪري اوهان کي اپ گريڊ ڪرڻ کان اڳ به ڪجهه مهينا انتطار ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن اوهان وٽ ونڊوز 10 پي سي آهي جيڪو اپ گريڊ لاءِ اهل آهي ته اوهان کي اپ ڊيٽ جو نوٽيفڪيشن ملندو. ٻي صورت ۾ اوهان سيٽنگز ونڊوز اپ ڊيٽ تي وڃي اپ ڊيٽس چيڪ ڪري سگھو ٿا.