لنڊن(دلچسپ نيوز) سائنسدانن دعويٰ ڪئي آهي ته وائپر نالي نانگ جي زهر مان ڪورونا وائرس جي واڌ ويجهه روڪي سگهجي ٿي. ان تحقيق کي ڪورونا کان بچاءُ جي دوا تيار ڪرڻ ۾ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي. سائنسي رسالي ماليڪيولز ۾ شايع ٿيل تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته وائپر نانگ جي زهر ۾ ملندڙ ماليڪيول تجرباتي بنيادن تي باندرن کي لڳاوي ويو جنهن سان ڪورونا وائرس جي نقصان پهچائڻ جي صلاحيت ۾ 75 سيڪڙو گهٽتائي ٿي پر اهو ماليڪول انساني جسم ۾ موجود ٻين جيو گهرڙن کي متاثر نه ٿو ڪري. رپورٽ موجب وائپر نانگ جي زهر ۾ موجود ماليڪيولز اڳ ۾ ئي بيڪٽيريا جي خاتمي وارين خاصيتن جي ڪري مشهور آهي، اهي نانگ برازيل، ارجنٽائين، بوليويا ۽ پيراگوئي ۾ ملندو آهي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته وائپر نانگ ۾ موجود پيپٽائڊ ماليڪيول ڪورونا وائرس جي پي ايل پرو انزائم سان گڏجي ان کي ناڪاره بڻائي ڇڏيندا آهن.