ڪراچي(دلچسپ نيوز) صحت جي حوالي سان ذائقي ۽ خوشبو ۾ تيز ٿوم جا ڪيترائي فائدا سامهون آيا آهن، ٿوم کي قدرتي اينٽي بائيوٽڪ به چيو ويندو آهي. نيراني ٿوم جو استعمال اهڙن سمورن جيوڙن جو خاتمو ڪندو آهي جيڪي غذا کي هضم ڪرڻ ۾ رنڊڪ بڻبا آهن ۽ آنڊن کي انهن جراثيمن کان محفوظ رکندي آهي.طاقتور قدرتي اينٽي بائيوٽڪ ۾ موجود عنصر کنگهه جو اثرائتو علاج آهي. ٿوم جو باقاعده استعمال ڪيترين ئي بيمارين ۽ دل جي مسئلن کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. پيٽ جي چرٻي ڳارڻ ۽ وزن گهٽ ڪرڻ لاءِ نيراني ان جو استعمال تجويز ڪيو ويندو آهي جنهن جا فائدا گڏيل صحت تي پوندا آهن.