سکر(بيورو رپورٽ) آل سنڌ سڱيتڪار ايسوسئيشن جي چيئرمين نامور ڪلاسيڪل راڳي عبدالغفور سومرو چيو آهي ته ڪلچرل ڊپارٽمنٽ نوڪري پيشا ڪلاڪارن جا وظيفا بند ڪري ڇڏيا آهن، جيڪا ھڪ سخت قسم جي نا انصافي آھي، ان عمل جي حمايت ۾ ووٽ ڪندڙ صلاحڪارن کي بہ تاريخ معاف نہ ڪندي. جاري ڪيل پڌرائي ۾ عبدالغفور سومرو وڌيڪ چيو ته ثقافت کاتو ڏات ڌڻين کي انھن جي فني خدمتن عيوض ساليانو وظيفو ڏيندو آ نڪي غربت عيوض، ڇو تہ فنڪار پوري دنيا ۾ پنھنجي فن زريعي پنھنجي آرٽ ڪلچر ۽ ثقافت زريعي پنھنجي ديس جو مان مٿاھون ڪن ٿا. ثقافت کاتي جي صوبائي وزير، سيڪريٽري ڪلچر کي اپيل ٿو ڪريان تہ ان فيصلي تي نظرثاني ڪري فنڪارن کي فوري طور وظيفا جاري ڪيا وڃن. ھڪ تہ ھي اوچتو لڪڇپ ۾ فيصلو ڪيو ويو آھي، ڪنھن بہ ڏات ڌڻي کي اڳ ۾ آگاھي نہ ڏني وئي آ تہ اوھان يارھين گريڊ جي فنڪارن شاعرن اديبن يا سگھڙن کي وضيفا نہ ملندا، اسان کي سينٽرن تي گھرائي جڏھن لسٽ چيڪ ڪئي تہ انھن ۾ اسان جا نالا مائنس ھئا، جڏھن ثقافت کاتو سان رابطو ڪيو ويو تہ اسان کي ٻڌايو ويو تہ اوھان کي ھاڻ ڪڏھن بہ وظيفو نہ ملندو، اسين وري بہ ثقافت کاتو کي گذارش ٿا ڪريون تہ ان فيصلي تي نظرثاني ڪري ترت وضيفا جاري ڪيا وڃن.گذريل ٻن سالن کان لاڪ ڊائون واري صورت حال ۾ فنڪار ڏاڍي ڏکي زندگي گذاري رھيا آھن,ويتر مٿان عيد جو موقعو آھي.