ڪشمير ليگ خلاف ڀارتي سازش افسوسناڪ قرار: معاملو عالمي سطح تي اٿاربو: پاڪستان

0
178

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڀارت جَي ڪشمير پريميئر ليگ ۾ پرڏيهي رانديگرن کي روڪڻ وارو معاملو عالمي سطح تي اُٿارڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته ڪرڪيٽ تي ڀارت جي سياست جِي جيتري مذمت ڪجي اُها گهٽ آهي، ڪشميري نوجوانن کي ڊريسنگ روم ۾ وڏن ڪرڪيٽرن سان گڏ ويهڻ کان محروم ڪرڻ افسوسناڪ آهي. هن چيو ته ڀارتي سازش کي دنيا جي هر پليٽ فارم تي اُٿارينداسين، ڇاڪاڻ ته ڀارت سدائين راندين کي سياست جي ور چاڙهي متاثر ڪندو رهيو آهي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته اهو پهريون موقعو ناهي جو ڀارت ڪرڪيٽ کي سياست جي ور چاڙهيو هجي، ڀارت جو پرڏيهي رانديگرن کي ڪشمير ليگ ۾ حصو وٺڻ کان روڪڻ پراڻي روايت جو حصو آهي، ڀارت جي اهڙي قدمن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. ٻئي پاسي پرڏيهي ڪرڪيٽرن به ڀارت جي رويي تي افسوس ظاهر ڪtري ڇڏيو، ڪرڪيٽ کي سياست ۾ نه گهلڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.