ماسترياڻي هئس، شوبز ۾ اتفاقي طور آيس: منزا عارف

0
224

ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان ڊراما انڊسٽري جي ڀلوڙ اداڪارا منزا عارف چيو آهي ته آئون ماسترياڻي هئس، شوبز ۾ اتفاقي طور آيس. اداڪار منزا عارف پٽ سميت هڪ خانگي ٽي وي شو ۾ شرڪت ڪئي ۽ سوالن جا جواب ڏنا. ان موقعي تي منزا عارف چيو ته انڊسٽري ۾ 14 سال ٿي ويا آهن تمام گهڻي محبت ملي آهي. هن چيو ته اسان جا ڊراما ڀارتي ڊرامن کان وڌيڪ معياري آهن جن ۾ سماج جي ڀرپور عڪاسي نظر اچي ٿي.