ڪشميرين جي حمايت ڇو؟ ڀارتي فوج صحافي کي گرفتار ڪري ورتو

0
206
ڪشميرين جي حمايت ڇو؟ ڀارتي فوج صحافي کي گرفتار ڪري ورتو
ڪشميرين جي حمايت ڇو؟ ڀارتي فوج صحافي کي گرفتار ڪري ورتو

ڪراچي (م ڊ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج ڪشميرين سان گڏو گڏ صحافين لاءِ به ڪريڪ ڊائون ڪري ڇڏيو آهي

ڪشميري ميڊيا موجب ڀارتي قابض فوج ڪشميري صحافي فهد شاهه کي پلواما مان ڪشميرين جي جدوجهد جي حمايت ۾ پوسٽ تان گرفتار ڪري ورتو

ٻئي طرف ڪشميري ميڊيا ٻڌايو آهي ته صحافي سجاد گل کي سرينگر ۾ احتجاج جي ڪوريج ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي

واضح رهي ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ ڪشميرين سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، جنهن جو مقصد ڀارتي فوج جي ظلم جو شڪار ٿيندڙ ڪشميرين سان دلي همدردي جو اظهار ڪرڻ ۽ پوري پاڪستاني قوم کي سندن حق لاءِ آواز اٿارڻ جو موقعو ڏيڻ آهي ۽ پاڪستاني قوم ڪشميرين جي آزادي لاءِ آواز اٿاريندي رهندي