آمريڪا_ چين تڪرار جي حل لاءِ پاڪستان ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي: فواد چوڌري

0
154
آسٽريليا سان 23 سالن

ڪراچي (م ڊ) سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا ۽ چين وچ ۾ تڪرار جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي

وزيراعظم جي چين جي دوري بابت ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم عمران خان چين ۾ سيڙپڪارن سان ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ ڪراچي ۽ فيصل آباد ۾ پاڻي جي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ڪراچي ۾ ڪي 4 منصوبو، حب ڪينال جڏهن ته فيصل آباد سان واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ بابت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي

فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم چيني صدر پاران مملڪتي سربراهن جي اعزاز ۾ ڏنل مانجهاندي ۾ شرڪت ڪندو، اڄ شام گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات ڪندو جڏهن ته وزيراعظم ازبڪستان جي صدر ۽ چين جي وزيراعظم سان به ملاقات ڪندو

سڌ سماءَ واري وزير چيو ته پاڪستان جي ٽيم پهريون ڀيرو چيني سرمائي اولمپڪس ۾ شرڪت ڪئي جنهن جو چين جي عوام ڀرپور استقبال ڪيو، پاڪ چين دوستي ٻنهي ملڪن جي عوام جو هڪ ٻئي لاءِ محبت جو اظهار آهي

هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم عمران خان ٿنڪ ٽينڪ سان به ملاقات ڪئي، وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته دنيا ٻي سرد ​​جنگ جي متحمل نٿي ٿي سگهي، پاڪستان آمريڪا ۽ چين تڪرار جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي

 

ھي به پڙھندا

مودي جون فاشسٽ پاليسيون ڪشميرين جي آزادي واري جذبي کي دٻائڻ ۾ ناڪام ويون: وزيراعظم