ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور ۾ علي آباد ھائوسنگ سوسائٽي جي رھواسين پيئڻ جو پاڻي بند ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي حميد کوسو، غلام حيدر کوسو، لياقت بروهي، لکمير مزاري، فاروق کوسو ۽ ٻين دانھيندي چيو ته رمضان شريف جي ڀلاري مھيني ۾ ٽائون ڪاميٽي ڪشمور جي ٽي ايم او هٿ وٺي واٽرسپلاءِ جي ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏي آهي، جنهن ڪري رهواسي پاڻي ڦڙي لاءِ سڪي رهيا آهن، هنن چيو ته علائقي واسي ڏورانهن هنڌن تان پاڻي ڀري اچڻ تي مجبور آهن. هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي ڏئي مسئلو حل ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو. ٻئي طرف ٽي ايم او وحيد ڊومڪي کان موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هن سان رابطو نه ٿي سگهيو، جڏهن ته پبلڪ ھيلٿ انجنيئر ٻڌايو ته علي آباد جي رهواسين جي پيئڻ جو پاڻي بند ٿيڻ بابت ڄاڻ ناهي، هن چيو ته ڪنيڪشن ڇو ڪاٽيو ويو آهي، معاملي جي جاچ ڪري پاڻي بحال ڪيو ويندو،