مانجھند (رپورٽر) مانجهند ٽائون ڪاميٽي ملازمن عيد سميت رهيل ست پگهارون نه ملڻ خلاف ٻئي ڏينھن به سڪل مانيون چٻاڙي آفيس گيٽ آڏو ڌرڻو هڻي انوکو احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ملازمن محمد يوسف عمراڻي اعجاز حسين ميمڻ گل محمد ورياڻي محمد خان لاکو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عيد اچڻ باوجود ٽائون انتظاميا ستن مهينن کان بنا جواز پگهارو بند ڪري ڇڏيون آھن، جنهن سبب اولاد کي عيد جا ڪپڙا خريد ڪرڻ مشڪل بڻجي ويا آھن ۽ ڳڀي ٽڪر لاء به سخت پريشان آھيون وياج تي سامان وٺي گذر ڪيو آھي پر هاڻي دڪاندارن به جواب ڏئي ڇڏيو آھي. ايڊمنسٽريٽر آسرا ڏئي بلن تي دير سان صحيح ڪئي ته آڊيٽر عيد ڪرڻ لا ڳوٺ روانو ٿي ويو، جنهن سبب عيد جي خوشين کان محروم ٿي ويا آھيون. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته عيد جي خوشين کان محروم ڪندڙ ڪامورن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت سخت احتجاج جاري رهندو.