ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور ويجهو ڳوٺاڻن بنيادي سهولتن ۾ نظرانداز ڪرڻ تي پوليو مهم جو بائڪاٽ ڪندي ٻارن کي ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، خبر موجب ڳوٺ حضور بخش لنجواڻي جي رھواسين بنيادي سهولتن جي کوٽ ۽ ڳوٺ واسي ٽائون ڪاميٽي ملازم جون پگهارون بند ڪرڻ خلاف پنهنجي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ ڳوٺاڻن منظور لنجواڻي، منصور لنجواڻي، سيزهان لنجواڻي، سبزل لنجواڻي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته سندن ڳوٺ بنيادي سهولتن کان محروم آهي، هنن چيو ته ڳوٺ ۾ پيئڻ جو پاڻي، نيڪال لاءِ ناليون ۽ ٽائون ملازم مشتاق لنجواڻي جي بند ڪيل پگهارن جو معاملو حل ٿيڻ تائين هو پنهنجن ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پياريندا، ڳوٺاڻن جي بائڪاٽ بعد پوليو ٽيم ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ بنا واپس ھلي وئي، ٽائون آفيسر وحيد ڊومڪي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڳوٺاڻن جا الزام بي بنياد آهن، مشتاق لنجواڻي جي بدلي ٿي وئي هئي، بدلي ٿيل ملازم کي ٽائون ڪاميٽي ڪشمور مان ڪيئن پگهارون جاري ڪري سگهجن ٿيون، هن چيو ته ڊرينيج ۽ ٻين سھولتن لاءِ اسان وٽ اختيار ناهن، پبلڪ ھيلٿ انتظاميا کي درخواستون ڏنيون وڃن.