ڪشمور(رپورٽر)ڪشمور پوليس ٽن ٽرڪ ڊرائيورن کي اغوا ٿيڻ کان بچائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس موجب اسلام آباد کان ٽرڪ سامان جي لوڊ ڪري ڪچي طرف ويندڙ ٽن ڄڻن محمد لال محمد عبيد، محمد يوسف کي ٽيڪنيڪل ٽيم ذريعي ڪچي طرف وڃڻ کان روڪي ورتو ۽ پوليس طرفان آگاهي ڏني ته واپار ڪرڻ بھاني توهان کي ڪچي گھرائي اغوا ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي جنهن بعد ٽنھي ڄڻن واپس اسلام آباد روانو ڪري وارثن حوالي ڪيو ويندو.