غزه(م ڊ) اسرائيلي فوج طرفان غزه جي مظلوم شهرين تي وحشياڻي بمباري جوسلسلو بند نه ٿي سگهيو، 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 55 فلسطيني شهيد ٿي ويا، اسرائيلي فوج اتر غزه ۾  حملو ڪري هڪ رهائشي عمارت کي تباهه ڪري ڇڏيو، جاني نقصان جو پتو ناهي پئجي سگهيو،  هوڏانهن غزه جي خان يونس شهر جي نصر ميڊيڪل ڪيمپ ۾ دريافت ٿيندڙ اجتماعي قبر مان وڌيڪ 100 ماڻهن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، جنهن کانپوءِ نصر ميڊيڪل ڪيمپ مان ملندڙ شهيدن جي لاشن جو انگ 283 ٿي ويو. ميڊيا رپورٽس موجب اتر اسرائيل ۾ حزب الله جي ڊرون حملي ۾ زخمي ٿيندڙ اسرائيلي فوجي مارجي ويو.  هوڏانهن آمريڪا ۾  مختلف يونيورسٽين ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.