ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪراچي حددخليون ڪيس جي ٻڌڻي مقرر ڪري ڇڏي، وڏي وزير، وفاقي حڪومت، چيف سيڪريٽري سنڌ، آءِ جي پوليس سنڌ، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي  نوٽيس جاري، ان ڏس ۾ ڪراچي ۾ حددخلين واري ڪيس جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سڀاڻي خميس 25 اپريل تي ٿيندي، سپريم ڪورٽ طرفان سنڌ جي وڏي وزير ، وفاقي حڪومت ، چيف سيڪريٽري سنڌ ، آءِ جي پوليس سنڌ ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، بورڊ آف روينيو جي سينيئر ميمبر، مڪاني کاتي جي سيڪريٽري ، بلڊنگ ڪنٽرول  ۽ ڪي ڊي اي جي سربراهن، ڪمشنر ڪراچي، مختلف ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ٻين واسطيدار ادارن کي به نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، عدالت سنڌ سرڪار کان ڪراچي ۾ حددخلين جي خاتمي ۽ فلاحي پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.