حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) حيدرآباد ۾ عيد ڏهاڙي ذهني طور مفلوج نينگري سان اجتماعي زيادتي جو انڪشاف، وومين پوليس پاران واقعي جو ڪيس داخل، بلديا ٿاڻي جي پوليس الزام هيٺ آيل ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، عورتن جي ڀلائي واري کاتي جي صوبائي وزير پاران معاملي جو نوٽيس وٺندي پوليس کي هر رخ کان جاچ جي هدايت ڪري ڇڏي. رپورٽ موجب بلديا ٿاڻي جي حد گهمن آباد جي گهٽي نمبر 2 ۾ قائم گهر نمبر 92 ۾ رهائش پذير 14 ورهين جي نينگري ملڪه لاشاري ڌيءُ رمضان لاشاري سان پاڙي ۾ رهائش پذير ٻن نوجوانن اجتماعي زيادتي ڪئي. سندس والده مسمات رمضانو بي بي بلديا پوليس معرفت وومين ٿاڻي پهچي واقعي جو ڪيس داخل ڪرايو. ڪيس ۾ فريادڻ موقف اختيار ڪيو آهي ته 10 اپريل يعني عيدالفطر جي ڏينهن صبح جو 11 وڳي سندس نينگري ٻاهر دڪان تان شيءَ وٺڻ وئي هئي جتي گهٽي ۾ ويٺل پاڙيسرين شاهد بلوچ ۽ نديم بلوچ کيس عيد خرچي ڏيڻ بهاني پاڻ سان گڏ وٺي ويا. فريادڻ موجب شاهد بلوچ نياڻي ملڪه کي پنهنجي گهر وٺي ويو جتي ڇت تي ٻئي ساٿي نديم سان گڏجي کيس واري واري سان حوس جو نشانو بڻايو. متاثر نينگري جي والده جو چوڻ آهي ته ملڪه جي ذهني حالت درست ناهي جنهن ڪري هو ساڻن ڳالهين ۾ اچي جوابدارن سان سندن گهر وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ذهني طور مفلوج بڻيل نينگري سان اجتماعي لڄالٽ واري واقعي بابت علائقي واسين کي به ڄاڻ هئي پر انهن به پوليس کي نه ٻڌايو. سندس وارثن بعد ۾ بلديا ٿاڻي پهچي پوليس کي واقعي جو اطلاع ڏنو جنهن بعد پوليس معاملي جي جاچ شروع ڪئي. واقعو 10 اپريل تي پيش آيو. بلديا پوليس 11 ڏينهن بعد 21 اپريل تي نينگري سان ٿيل اجتماعي زيادتي واري واقعي جو ڪيس سندس والده جي فرياد تي وومين پوليس اسٽيشن تي داخل ڪرائي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا. پوليس موجب ته انهن هڪ ڏينهن اڳ يعني 22 اپريل تي ٻئي جوابدار گرفتار ڪيا ۽ گذريل ڏينهن کين رمانڊ لاءِ سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 6 جي عدالت ۾ پيش ڪيو. جاچ آفيسر عدالت کي استدعا ڪئي ته جوابدارن کان جاچ ڪرڻي آهي ان لاءِ سندن جسماني رمانڊ منظور ڪيو وڃي. عدالت جاچ آفيسر جي استدعا بعد ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ٻن جوابدارن کي بلديا پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

جوابدار ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن: رمضانو بي بي

حيدرآباد: متاثر نينگري جي والده رمضانو بي بي انڪشاف ڪيو ته کيس عيد جي ٽئين ڏينهن نياڻي سان زيادتي ڪندڙ شاهد بلوچ نشي جي حالت ۾ سندس گهر آيو ۽ جنهن کيس موبائيل فون ذريعي وڊيو ڏيکاري ۽ چيو ته هن ننيگري سان پنهنجي ساٿي نديم بوچ سان گڏجي زيادتي ڪئي آهي. هاڻي جيڪو به ڪرڻو آهي کيس ڪيو وڃي، هو ڪنهن کان به نٿا ڊڄن. نينگري جي والده اهو به ٻڌايو ته هو بيواهه آهي ۽ ڪرائي جي گهر ۾ نياڻي سان گڏ رهائش پذير آهي. سرندي وارن ماڻهن جي گهرن ۾ پورهيو ڪري گذر سفر ڪندي رهي ٿي ۽ واقعي جو ڪيس داخل ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪرائڻ کانپوءِ برادري جا ماڻهو ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن. هن چيو ته ڪجهه به ٿئي هو ڪنهن کان پئسا نه وٺندي ۽ نه ئي ٺاهه ڪندي ڇاڪاڻ ته سندس معصوم نياڻي سان جوابدارن زيادتي ڪري سندس غير اخلاقي وڊيوز ٺاهيون آهن.

 

حيدرآباد: بلديا ٿاڻي جي پوليس وومين پوليس معرفت متاثر نينگري جو سول اسپتال ۾ قائم ميڊيڪو ليگل شعبي مان ميڊيڪل چيڪ اپ به ڪرائي ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ليڊي ايم ايل او نينگري جا جزا وٺي ٽيسٽ لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيا آهن پر اڃا تائين پوليس اهي جزا لمس يا روهڙي ليبارٽري ڏانهن ناهن اماڻيا. پوليس ذريعن موجب ته اهڙي قسم جي ڪيسن ۾ جاچ آفيسر يا لاڳاپيل ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي جزا اماڻڻ لاءِ ڪجهه رقم ادا ڪرڻي هجي ٿي جيڪا انهن ادا ناهي ڪئي.”پنهنجي اخبار“ پاران نينگري ملڪه سان ٿيل اجتماعي زيادتي جي شروعاتي رپورٽ بابت ميڊيڪو ليگل شعبي جي ليڊي ايم ايل او توڙي انچارج سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر انهن فون اٽينڊ نه ڪيو جنهن ڪري سندن موقف ناهي اچي سگهيو.

 

متاثر نينگري  اسپتال منتقل، ميڊيڪل چيڪ اپ، رپورٽ نه آئي

حيدرآباد: بلديا ٿاڻي جي پوليس وومين پوليس معرفت متاثر نينگري جو سول اسپتال ۾ قائم ميڊيڪو ليگل شعبي مان ميڊيڪل چيڪ اپ به ڪرائي ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ليڊي ايم ايل او نينگري جا جزا وٺي ٽيسٽ لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيا آهن پر اڃا تائين پوليس اهي جزا لمس يا روهڙي ليبارٽري ڏانهن ناهن اماڻيا. پوليس ذريعن موجب ته اهڙي قسم جي ڪيسن ۾ جاچ آفيسر يا لاڳاپيل ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي جزا اماڻڻ لاءِ ڪجهه رقم ادا ڪرڻي هجي ٿي جيڪا انهن ادا ناهي ڪئي.”پنهنجي اخبار“ پاران نينگري ملڪه سان ٿيل اجتماعي زيادتي جي شروعاتي رپورٽ بابت ميڊيڪو ليگل شعبي جي ليڊي ايم ايل او توڙي انچارج سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر انهن فون اٽينڊ نه ڪيو جنهن ڪري سندن موقف ناهي اچي سگهيو.

 

گرفتار جوابدار پاڙيسري يتيم نينگري کي خرچي ڏيڻ بهاني  پنهنجي گهر وٺي ويا هئا

حيدرآباد: بلديا پوليس هٿان گرفتار جوابدار شاهد بلوچ ۽ نديم بلوچ به گهمن آباد واري علائقي ۾ رهائش پذير آهن. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻئي جوابدار نينگري جا پاڙيسري آهن جيڪي کيس ڪافي ڏينهن کان حوس جو نشانو بڻائڻ لاءِ موقعي جي تلاش ۾ هئا ۽ عيدالفطر جي وڏي ڏينهن تي ذهني طور مفلوج نينگري کي عيد خرچي ڏيڻ جو بهانو ڪري ڳالهين ۾ ڦاسائي کيس پاڻ سان گڏ گهر وٺي ۽ جتي ڇت تي انهن ساڻس زيادتي جو نشانو بڻائي غير اخلاقي وڊيو به ٺاهي. ذريعن اها به تصديق ڪئي ته ٻنهي جوابدارن پوليس وٽ اعتراف ڪيو آهي ته انهن نينگري کي حوس جو نشانو بڻايو هو.