ڪشمور (رپورٽ: ايم شريف ڄامڙو) ڪشمور ڀرسان اڏيو واهه ۾ ٻن ڀينرن سميت 3 ٻارڙيون وھنجندي ٻڏي فوت، واقعي سبب گهر ۾ ڪهرام. خبر موجب جي ڳوٺ غلام حسين مزاري ۾ 11 ورھين جي خاتون مزاري، 8 ورھين جي آلمون ۽ 9 ورھين جي سونيا مزاري اڏيو واھ ۾ وهنجندي ٻڏي فوت ٿي ويون، ٻڌايو پيو وڃي ته وھنجڻ دروان ھڪ نينگري ٻڏڻ لڳي جنهن کي ٻن نينگرين بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو به ٻڏي ويون، اطلاع تي وارثن پهچي پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻڏي ويل نينگرين جا لاش واهه مان ڪڍي ورتا، نينگرين جا مڙهه گھر آندا ويا ته ڪهرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو.