دوداپور (ن پ ا) دوداپور ڀرسان پيرسن چڱو مڙس اغوا، 3 ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب. خبر موجب ڳوٺ لاشار جمالي جو رهواسي ۽ ڳوٺ جو چڱو مڙس 60 ورهين جو لاشار خان جمالي ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿي ويو آهي، ان ڏس ۾ مغوي جي وارثن عبدالرشيد جمالي ۽ بين جو چوڻ آهي ته 3 ڏينهن اڳ لاشار خان ڳوٺ کان جيڪب آباد ويو ھو، جنهن بعد هن جو نمبر بند ٿي ويو، هنن ٻڌايو ته ڪالهه ڌاڙيلن فون ڪري 3ڪروڙ روپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي، هنن جو چوڻ ھو ته ڌاڙيلن فون تي ڀنگ طلب ڪندي چيو ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن کين رقم نه ڏني وئي ته هو چڱي مڙس کي قتل ڪري ڇڏيندا. هنن چيو ته اسين غريب آهيون، پورهيو ڪري گذر سفر ڪيون ٿا، ڀنگ جي رقم ڪٿان آڻينداسين. هوڏانهن ميرانپور پوليس ٻڌايو ته وارثن اغوا واقعي بابت اطلاع ڏنو آهي، جتان اغوا ٿيو آهي اها اسان جي حد ناهي.