ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ ۾ ڪامورن جون بدليون، ان ڏس ۾ ڪشمور جي ڊي ايچ او عبدالغني شيخ کي بدلي ڪري چانڊڪا اسپتال ۾ چيف سپرنٽنڊنٽ ميڊيڪل آفيسر مقرر ڪيو ويو آھي. جڏهن ته اعجاز سومرو کي ڪشمور جو ڊي ايچ او مقرر ڪيو ويو آھي. ٻئي طرف شاھ بندر جي اسسٽنٽ ڪمشنر نعيم سھتو کي خانڳڙھ بدلي ڪيو ويو، جڏهن ته غلام حسين ڪانھيو کي اي سي عمرڪوٽ مقرر ڪيو ويو آھي.